Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 21:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن انهن جا پيئر يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن هنن کي چونداسين تہ ’اسان جي خاطر اهي ڇوڪريون کين ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان جون ڇوڪريون جنگ ۾ تہ ڪونہ کنيون آهن، نڪي اوهان پاڻيهي اهي کين ڏنيون آهن، تنهنڪري اوهان واعدي خلافي ڪرڻ جا ڏوهاري نہ آهيو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن جا ابا يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن اسين هنن کي چونداسين تہ اوهين مهرباني ڪري اُهي اسان کي ڏيو؛ ڇالاءِ جو جنگ ۾ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي لاءِ زال نہ ورتي؛ نڪي اوهان پاڻيهي اُهي اسان کي ڏنيون؛ ائين نہ ڪرڻ ڪري هينئر ڏوهہ اوهان جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 21:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا انسان کي پاڻ وانگر ٺاهي پنهنجيءَ صورت تي پيدا ڪيو. خدا نر ۽ ناري پيدا ڪري


انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس زال پنهنجي ٽنهي پٽن سِم، حام ۽ يافت ۽ انهن جي زالن سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا.


جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي.


پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.


بني اسرائيل جا ماڻهو جڏهن مصفاہ شهر ۾ گڏ ٿيا هئا تڏهن قسم کڻي چيو هئائون تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيامين کي پرڻائي نہ ڏيندو.“


تڏهن بني بنيامين موٽي آيا ۽ اهي ڇوڪريون کين ڏنيون ويون جيڪي جيئريون ڇڏيون ويون هيون. پر اهي انهن لاءِ پوريون نہ پيون.


پر اسين هنن کي پنهنجيون ڌيئرون پرڻائي نہ ٿا ڏيئي سگھون، ڇاڪاڻ تہ اسان بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ ’لعنت هجي انهيءَ تي جيڪو ڪنهن بني بنيامين کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏئي.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ