قاضين 21:1 - Muslim Sindhi Bible1 بني اسرائيل جا ماڻهو جڏهن مصفاہ شهر ۾ گڏ ٿيا هئا تڏهن قسم کڻي چيو هئائون تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيامين کي پرڻائي نہ ڏيندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 هاڻي اسرائيل جي ماڻهن مصفاہ ۾ قسم کڻي چيو هو تہ انهن مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيمين کي پرڻائي نہ ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي همقوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“
۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.