Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:47 - Muslim Sindhi Bible

47 پر ڇهہ سؤ ماڻهو بيابان طرف رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ هو اتي چار مهينا رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 پر ڇهہ سؤ ماڻهو منهن ڦيرائي بيابان ڏي رمون جي ٽڪر تي ڀڄي ويا، ۽ رمون جي ٽڪر تي چار مهينا رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:47
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ ’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين، تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر. بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن، ۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.


جيتوڻيڪ هو اسان کي گھڻا ئي ڏک ڏئي ٿو، تہ بہ پنهنجي واعدي وفائي ڪندي هو رحم بہ ڪري ٿو.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


اتر ۾ جِبع کان وٺي ويندي ڏکڻ ۾ رمون تائين سڄو ملڪ سنئون سڌو ميدان ٿي پوندو، جڏهن تہ يروشلم شهر بلنديءَ تي هوندو. هي شهر بنيامين دروازي کان ڪنڊ نالي پراڻي دروازي تائين ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ کان انگورن جي شاهي چيچڙن تائين پکڙجي ويندو.


سو انهيءَ ڏينهن بني بنيامين جا ڪل پنجويهہ هزار تلوارباز ماڻهو مري ويا، جيڪي سڀ جنگي جوڌا هئا.


بني اسرائيل جي ماڻهن موٽي بني بنيامين جي شهر تي وري ڪاهہ ڪئي ۽ سڀيئي مرد، عورتون ۽ ٻار توڙي جانور تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. تنهن کان سواءِ ان علائقي ۾ سندن جيڪي بہ شهر هئا سي سڀ ساڙي ڇڏيائون.


پوءِ قوم وارن بني بنيامين ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو، جيڪي رمون جي ٽڪر تي رهيل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ