خداوند بني بنيامين کي بني اسرائيل جي هٿان شڪست ڏني ۽ انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل بني بنيامين جا پنجويهہ هزار هڪ سؤ ماڻهو ماري ناس ڪيا، جيڪي سڀيئي جنگي جوڌا هئا.
بني بنيامين جا ٻيا ماڻهو موٽ کائي بيابان طرف رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڄي ويا. تن مان پنج هزار ماڻهن کي رستن ۾ ماري ڇڏيائون. بني اسرائيل جِدوم تائين باقي بچيلن جو پيڇو ڪندا ويا ۽ انهن مان ٻہ هزار ماڻهو ٻيا بہ ماري وڌائون.