Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:32 - Muslim Sindhi Bible

32 بني بنيامين سمجھن پيا تہ ”اسين اڳي وانگر کين شڪست ڏيون پيا.“ پر جڏهن تہ بني اسرائيل جو خيال هو تہ ”اتان ڀڄي انهن کي شهر مان ڪڍي شاهي رستن تي وٺي اچون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ بني بنيمين چيو تہ هو اڳي وانگر اسان جي اڳيان مارجي ويا، پر بني اسرائيل چيو تہ اچو تہ ڀڄون ۽ هنن کي شهر مان ڪڍي شاهي رستن تي آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:32
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ٻين سڀني ماڻهن کي ساڻ ڪري شهر جي اڳيان ايندس. پوءِ جڏهن هو اسان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري ايندا تڏهن اسين اڳي وانگر انهن کي پٺي ڏيئي وٺي ڀڄنداسين.


هو اسان جو پيڇو ڪندا، تان جو اسين انهن کي شهر کان گھڻو پري ڪڍي وينداسين. انهيءَ مان هو ائين ئي سمجھندا تہ ’هي تہ اڳي وانگر اسان جي اڳيان ڀڳا ٿا وڃن.‘ سو جڏهن اسين هنن کان ڀڄون،


بني بنيامين هنن تي ڪاهہ ڪري آيا ۽ بني اسرائيل کي ڀڄندو ڏسي سندن پٺيان شهر کان گھڻو پري نڪري آيا. هنن اڳي وانگر بني اسرائيل کي مارڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو بني اسرائيل جا اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ميدان ۽ رستن تي ڪيري وڌائون، جن مان هڪ رستو بيت‌ايل ڏانهن ٿي ويو تہ ٻيو جِبعت ڏانهن.


بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پوئتي هٽيا ۽ بعل‌تمر واري هنڌ وٽ گڏ ٿي وري صفون ٻڌي بيهي رهيا. هوڏانهن جِبعت شهر جي اولهہ ۾ جيڪي بني اسرائيل لڪا ويٺا هئا سي نڪري نروار ٿيا.


تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو جنگ ۾ پٺتي هٽيا. انهيءَ دوران بني بنيامين هنن جا ٽيهہ ماڻهو ماري چڪا هئا. تڏهن بني بنيامين سمجھڻ لڳا تہ ”اسان اڳي وانگر هنن کي وري شڪست ڏيون ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ