قاضين 20:27 - Muslim Sindhi Bible27-28 جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي همقوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 ۽ بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، (ڇالاءِ جو خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي هئي، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |