Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:25 - Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ ڏينهن تي وري بني بنيامين جِبعت مان نڪري هنن تي ڪاهہ ڪئي ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري وڌائون، جيڪي سڀ تلوارباز هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ انهيءَ ٻئي ڏينهن بني بنيمين جبعہ مان نڪري هنن تي ڪاهي آيا، ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري زمين تي ڪيرائي وڌائون؛ انهن سڀني ترار کنئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


اي بنيامين! تنهنجو اولاد بگھڙ جيان خطرناڪ ٿيندو. صبح جو هو دشمنن کي چيري ڦاڙي ناس ڪندو، ۽ سانجھيءَ جو لُٽ جو مال ورهائيندو.“


هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“


تڏهن بني بنيامين جِبعت مان نڪري آيا ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بني اسرائيل جا ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.


۽ ٻئي ڏينهن تي هو بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ هنن کي ويجھو ويا.


تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيت‌ايل ڏانهن موٽي ويا ۽ اتي خداوند اڳيان ويهي رنائون. هنن اهو سڄو ڏينهن روزو رکيو ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ