Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:22 - Muslim Sindhi Bible

22-23 سو بني اسرائيل مقدس هنڌ تي موٽي وڃي شام تائين خداوند جي آڏو رنا. هنن شام جو خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجن هم‌قوم بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري اڳتي وڌون يا نہ؟“ خداوند وراڻين تہ ”ڀلي هنن تي چڙهائي ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو همت ٻڌي جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ ساڳئي هنڌ وري بہ جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تڏهن اسرائيل جا ماڻهو پاڻ کي همتائي، جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ هنڌ وري بہ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:22
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“


هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“


انهيءَ ڏينهن بني بنيامين جيڪي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا سي ڇويهہ هزار ماڻهو هئا، انهن سڀني کي تلوارون هيون. انهن کان سواءِ جِبعت جا رهاڪو پڻ هئا، جيڪي شمار ۾ ست سؤ چونڊ ماڻهو هئا.


بني بنيامين کان سواءِ بني اسرائيل جا چار لک تلوارباز هئا. اهي سڀ جنگ جا ڄاڻو هئا.


تڏهن بني بنيامين جِبعت مان نڪري آيا ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بني اسرائيل جا ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.


دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ