Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن بني بنيامين جِبعت مان نڪري آيا ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بني اسرائيل جا ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ بني بنيمين جبعہ مان نڪري آيا، ۽ انهيءَ ڏينهن اسرائيل مان ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ناس ڪري زمين تي ڪيرائي وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي بنيامين! تنهنجو اولاد بگھڙ جيان خطرناڪ ٿيندو. صبح جو هو دشمنن کي چيري ڦاڙي ناس ڪندو، ۽ سانجھيءَ جو لُٽ جو مال ورهائيندو.“


هاڻ اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي مردن ۽ عورتن کي پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون بڻائڻ جي نيت رکو ٿا. پر اوهان پاڻ خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار نہ آهيو ڇا؟


ياد رکو، فوج جي گھڻائيءَ سان ڪوبہ بادشاهہ سوڀ ماڻي نہ ٿو سگھي، نڪي گھڻي طاقت جي ڪري ڪوبہ بهادر غالب اچي سگھي ٿو.


تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.


هو پنهنجي قوم تي ايڏو تہ ڪاوڙيو، جو پنهنجي انهن خاص چونڊيلن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيائين.


اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.


”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ خيما کوڙي رهيا پيا هجو، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن پليتيءَ کان بچائجو.


پوءِ هو بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ واسطي جِبعت جي سامهون صفون ٻڌي بيهي رهيا.


سو بني اسرائيل مقدس هنڌ تي موٽي وڃي شام تائين خداوند جي آڏو رنا. هنن شام جو خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجن هم‌قوم بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري اڳتي وڌون يا نہ؟“ خداوند وراڻين تہ ”ڀلي هنن تي چڙهائي ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو همت ٻڌي جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ ساڳئي هنڌ وري بہ جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا


انهيءَ ڏينهن تي وري بني بنيامين جِبعت مان نڪري هنن تي ڪاهہ ڪئي ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري وڌائون، جيڪي سڀ تلوارباز هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ