Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:15 - Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ ڏينهن بني بنيامين جيڪي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا سي ڇويهہ هزار ماڻهو هئا، انهن سڀني کي تلوارون هيون. انهن کان سواءِ جِبعت جا رهاڪو پڻ هئا، جيڪي شمار ۾ ست سؤ چونڊ ماڻهو هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ انهيءَ ڏينهن بني بنيمين شهرن منجهان ڇويهہ هزار ماڻهو گڏ ڪيا، جن ترار ٿي کنئي، ۽ انهن کان سواءِ جبعہ جا رهاڪو هئا، جي شمار ۾ ست سؤ چونڊيل ماڻهو هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجٽيهہ هزار چار سؤ آهي.


بني بنيامين جي نسلن جي مردن جو تعداد پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ هو.


اٽلندو هو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ مان اچي جِبعت ۾ گڏ ٿيا تہ جيئن انهن ٻين قبيلن سان جنگ ڪن.


سو بني اسرائيل مقدس هنڌ تي موٽي وڃي شام تائين خداوند جي آڏو رنا. هنن شام جو خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجن هم‌قوم بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري اڳتي وڌون يا نہ؟“ خداوند وراڻين تہ ”ڀلي هنن تي چڙهائي ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو همت ٻڌي جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ ساڳئي هنڌ وري بہ جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا


انهيءَ ڏينهن تي وري بني بنيامين جِبعت مان نڪري هنن تي ڪاهہ ڪئي ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري وڌائون، جيڪي سڀ تلوارباز هئا.


خداوند بني بنيامين کي بني اسرائيل جي هٿان شڪست ڏني ۽ انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل بني بنيامين جا پنجويهہ هزار هڪ سؤ ماڻهو ماري ناس ڪيا، جيڪي سڀيئي جنگي جوڌا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ