Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو هاڻ اوهين انهن جِبعت شهر جي رهاڪو بدڪار ماڻهن کي اسان جي حوالي ڪريو تہ اسين کين قتل ڪريون ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان برائي ڪڍي ڇڏيون.“ پر بني بنيامين پنهنجي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن جي ڳالهہ نہ مڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:13
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


پر بدڪار ماڻهو اهڙن نقصانڪار ڪنڊن جيان آهن، جن کي هٿن سان کڻي نہ ٿو سگھجي.


پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خدا چاهيو ٿي تہ انهن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هو ادومين جي معبودن جا طالبو ٿي ويا هئا.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


نوجوانيءَ توڙي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ڏک ۽ پريشانيون اچي سگھن ٿيون. تن جي ڪري اوهين منجھي نہ پئو، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.


اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


مسيح ۽ شيطان جو ايڪو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ ۽ نہ آڻيندڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي؟


ڪي ڪميڻا ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا هجن تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ هجو.


انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو.


انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“


تہ پوءِ اوهين بہ ساڻس اها ئي حالت ڪجو، جيڪا هن پنهنجي قوم واري سان ڪرڻ ٿي گھري. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“


تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بي‌آبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


انهيءَ کان پوءِ جڏهن هو ارام سان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو شهر جا ڪي بدڪار ماڻهو ان گھر کي وڪوڙي ويا. هنن در تي سٽڪا لائي ڏنا ۽ گھر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ ”ڪو ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيو آهي تنهن کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين ساڻس برو فعل ڪريون.“


بني اسرائيل جي قبيلن بنيامين جي سڄي قبيلي وارن ڏانهن ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”هي ڪهڙي برائي اوهان ۾ ٿي چڪي آهي؟


اٽلندو هو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ مان اچي جِبعت ۾ گڏ ٿيا تہ جيئن انهن ٻين قبيلن سان جنگ ڪن.


جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.


تڏهن دائود سان گڏ ويل ماڻهن مان ڪن شرير ۽ خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا. تنهنڪري جيڪو لٽيل مال اسان ڇڏائي آيا آهيون تنهن مان اسين کين ڪجھہ بہ نہ ڏينداسون. اسين کين رڳو سندن زالون ۽ ٻار ڏينداسين، تہ هو انهن کي وٺي هليا وڃن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ