11 سو بني اسرائيل جا سڀيئي مرد انهيءَ شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ هڪ راءِ ٿي گڏ ٿيا.
11 پوءِ سڀ اسرائيل جا ماڻهو متفق ٿي انهيءَ شهر تي ڪاهڻ لاءِ گڏ ٿيا.
تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.
پوءِ اسين بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ سؤ مان ڏهہ مرد، هڪ هزار مان هڪ سؤ ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار مرد ڌار ڪنداسين تہ جيئن اهي لشڪر کي کاڌو خوراڪ پهچائين. جڏهن لشڪر بنيامين واري جِبعت شهر وٽ پهچي، تڏهن بني اسرائيل ۾ جيڪا برائي هنن ڪئي آهي تنهن جو کين پورو پورو بدلو ڏيون.“
بني اسرائيل جي قبيلن بنيامين جي سڄي قبيلي وارن ڏانهن ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”هي ڪهڙي برائي اوهان ۾ ٿي چڪي آهي؟
تڏهن سڀيئي ماڻهو هڪ راءِ ٿي چوڻ لڳا تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي گھر ڏانهن موٽي ڪونہ ويندو.
دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو