Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 20:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 20:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود جي انهن ڳالهين بني يهوداہ جي سڀني ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن اهڙيون تہ موڙي ڇڏيون، جو هنن ڏانهس چوائي موڪليو تہ ”تون پنهنجي سڄي اٽالي سميت موٽي اچ.“


اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار يوآب کي، جيڪو ساڻس گڏ هو چيو تہ ”تون اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن وٽ وڃ ۽ جوان مردن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا آهن.“


سو هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ آءٌ هڪڙي هيڪل تعمير ڪرايان جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ ’تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي جاءِ تي تخت تي وهاريندس سو ئي منهنجي عبادت لاءِ هڪ گھر ٺهرائيندو.‘


جڏهن يهوداہ وارن جي لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سندن جنگي جوانن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جِدلياہ کي گورنر مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي وٽس آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، يوحنان ولد قريح، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ يازنياہ ولد معڪاتي. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.


سو دائود پنهنجي سپهہ‌سالار يوآب ۽ فوج جي سالارن کي چيو تہ ”اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ وڃي بني اسرائيل جي جوان مردن جو شمار ڪريو. پوءِ اچي مون کي ٻڌايو تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا جوان آهن.“


يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ طرف بيرسبع شهر کان وٺي اسرائيل جي اتر طرف دان شهر تائين سڄي بني اسرائيل ۾ پڙهو گھمرايو ويو تہ سڀيئي ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ عيد فصح ملهائڻ خاطر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين. انهيءَ سبب جو گھڻي عرصي کان ڪيترن ئي ماڻهن شريعت موجب عيد فصح ڪونہ ملهائي هئي.


ستين مهيني جي اچڻ تائين سڀ بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. پوءِ ان مهيني ۾ سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ حصر‌سوعال شهرَ ۽ بيرسبع شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ،


جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.


سو آءٌ مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ ولد اخيقام وٽ آيس ۽ وٽس باقي بچيل ماڻهن منجھہ رهڻ لڳس.


روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،


سو موسيٰ جِلعاد جو علائقو منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد کي ڏنو ۽ هو اتي ئي رهڻ لڳا.


دلعان، مصفاہ، يقتي‌ايل،


يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،


تڏهن سڄي قوم سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ انهن سان وڃي جنگ ڪن.


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


پوءِ بني عمون جنگ لاءِ تيار ٿي جِلعاد ۾ اچي خيما کوڙيا. بني اسرائيل بہ گڏ ٿي جِلعاد جي ويجھو مصفاہ ۾ اچي خيما کوڙيا.


پوءِ افتاح جِلعاد جي اڳواڻن سان گڏ ويو ۽ اتان جي ماڻهن افتاح کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سردار بڻايو. افتاح مصفاہ شهر ۾ خداوند جي آڏو سردار مقرر ٿيڻ وارا شرط ٻڌايا.


پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گھر موٽي آيو، تڏهن ڇا ٿيو جو سندس ڌيءَ دڦ وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ نڪري آئي. کيس اها هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ٻيو ڪوبہ پٽ يا ڌيءَ ڪونہ هئس.


هنن انهيءَ شهر جو نالو ليس مان ڦيرائي دان رکيو، يعني پنهنجي وڏي دان جي نالي پٺيان، جيڪو يعقوب جو پٽ هو.


سو بني اسرائيل جا سڀيئي مرد انهيءَ شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ هڪ راءِ ٿي گڏ ٿيا.


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


خدا جي قوم بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ سڀني قبيلن جا ماڻهو هن گڏجاڻيءَ ۾ موجود هئا، جيڪي چار لک پيادا تلوار بردار جنگي مرد هئا.


تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيت‌ايل ڏانهن موٽي ويا ۽ اتي خداوند اڳيان ويهي رنائون. هنن اهو سڄو ڏينهن روزو رکيو ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


تڏهن سڀيئي ماڻهو هڪ راءِ ٿي چوڻ لڳا تہ ”اسان مان ڪوبہ پنهنجي گھر ڏانهن موٽي ڪونہ ويندو.


انهيءَ دوران بني اسرائيل پنهنجي هم‌قوم بني بنيامين لاءِ هر هر ڏاڍو افسوس ڪندي پئي چيو تہ ”اڄ بني اسرائيل مان هڪ قبيلو ڪٽجي ويو آهي. پر جيڪي باقي بچيا آهن هاڻي تن کي پرڻائڻ جي باري ۾ اسين ڇا ڪريون؟ اسان تہ خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجيون ڌيئرون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين.“ جيئن تہ هنن پڪو قسم کڻي چيو هو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن کي ضرور ماريو ويندو.“


پوءِ سموئيل بني اسرائيل قوم کي مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏائي گڏ ڪيو.


تنهنڪري سڄي بني اسرائيل کي، دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ