Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:22 - Muslim Sindhi Bible

22 آءٌ انهن جي ذريعي بني اسرائيل کي آزمائيندس ۽ ڏسندس تہ جهڙيءَ طرح سندن ابا ڏاڏا مون خداوند جي راهہ تي هلندا هئا تهڙيءَ طرح هي بہ انهيءَ تي هلن ٿا يا نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 انهي لاءِ تہ ائين ڪرڻ سان آءٌ اسرائيلين کي آزمايان، تہ جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن هي بہ خداوند جي راهہ جي سنڀال ڪري انهي تي هلن ٿا يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


جڏهن بابل جي حڪمرانن ڏانهس پنهنجا ايلچي موڪليا تہ کانئس ان معجزي واري نشانيءَ بابت پڇي اچن جيڪا سندس ملڪ ۾ ظاهر ٿي هئي، تڏهن خدا هن کي سندس مرضيءَ تي ڇڏيو تہ جيئن کيس آزمائي ۽ ڏسي تہ سندس دل ۾ ڇا آهي.


مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.


بيشڪ اي خدا! تو اسان کي آزمائي ڇڏيو آهي، جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي.


تنهن تي موسيٰ مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏايو. خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، جنهن کي هن پاڻيءَ ۾ وڌو تہ اهو مٺو ٿي پيو. اُتي خداوند هنن جي رهڻ لاءِ قاعدا قانون بڻايا ۽ اتي ئي کين آزمايائين.


سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.


تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


هن اوهان کي بيابان ۾ اها مَنَ کارائي، جنهن جي اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر بہ ڪانہ هئي. هن اوهان کي عاجز ڪري آزمايو، انهيءَ لاءِ تہ پڇاڙيءَ ۾ اوهان سان ڀلائي ڪري.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


سو خداوند انهن قومن کي انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ ڏنو. هن نڪي انهن کي يشوع جي هٿ ۾ ڏنو ۽ نہ وري يشوع جي وفات کان جلد پوءِ انهن کي اتان هڪالي ڪڍيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ