Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:21 - Muslim Sindhi Bible

21 سو آءٌ بہ انهن قومن، جيڪي يشوع جي وفات وقت اڃان بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهيون ٿي، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي بہ اتان هڪالي نہ ڪڍندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تنهنڪري جيڪي قومون يشوع وفات ڪرڻ مهل ڇڏي ويو هو، تن کي آءٌ بہ هنن جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.


تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.


هي قومون جيڪي باقي بچيون آهن تن جي زمين ۽ پڻ انهن قومن جي زمين جن کي مون فتح ڪيو آهي، اردن درياءَ کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين، سا اوهان جي قبيلن کي مون ورثي طور ورهائي ڏني آهي.


خداوند اوهان جو خدا پاڻ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندو. هو انهن کي اوهان کان پوئتي ڌڪيندو ۽ اوهين انهن جي زمين تي قبضو ڪري ويندا، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“


تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ هنن کي اوهان جي ملڪ مان هڪالي نہ ڪڍندس، بلڪ اهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ ڦندو ٿيندا.“


سو خداوند اتي ڪجھہ قومون ڇڏي ڏنيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن جي ذريعي بني اسرائيل جي انهن سڀني ماڻهن کي آزمائي جن ڪنعان ۾ جنگيون نہ ڏٺيون هيون.


جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعل‌حرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ