Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:18
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس.


تڏهن يهوآخز خداوند کي عرض ڪيو ۽ خداوند سندس عرض اگھايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڏٺو پئي تہ ڪيئن نہ اسرائيل وارا ارامين جي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


اي خداوند! هاڻ تہ اسان سان پرچي پئُہ، تون ڪيستائين ڪاوڙيل رهندين! هاڻي تہ پنهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.


تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


جڏهن خدا ڏٺو تہ هو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت کان توبهہ‌تائب ٿي ويا آهن، تڏهن خدا پنهنجو ارادو بدلايو ۽ انهن سان ائين ڪونہ ڪيائين جيئن چيو هئائين.


جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس.


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.


پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو.


پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ پار ويو ۽ خدا کيس سوڀ ڏني.


پر جڏهن اهو رهبر مري ويندو هو تڏهن هو وري ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪندا هئا. هو غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ کين سجدو ڪندا هئا. هو پنهنجن برن ڪمن ۽ هوڏ واري رستي کان باز نہ ايندا هئا.


پوءِ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاريو، تڏهن هن هڪڙو ڇڏائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اٿاريو، جنهن کين ڇڏايو. اهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غتني‌ايل هو.


تڏهن خداوند جي ملائڪ اتي کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”خداوند تو ساڻ آهي، اي طاقت وارا بهادر مرد.“


تڏهن خداوند جواب ڏنس تہ ”آءٌ تو ساڻ هوندس ۽ تون مديانين کي ائين ماريندين جو ڄڻ تہ هو هڪڙو ئي ماڻهو هجن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ