Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 2:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پر بني اسرائيل پنهنجن رهبرن ڏانهن بہ ڌيان ڪونہ ڏنو. هو خداوند سان بي‌وفائي ڪري غير معبودن جي پٺيان لڳي کين پوڄڻ لڳا. جنهن رستي تي انهن جا ابا ڏاڏا خداوند جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندي هلندا هئا، تنهن کان هو جلدي ڦري ويا ۽ انهن وانگر نہ هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 2:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين ڪرڻ سان هنن خداوند سان بي‌وفائي ڪئي، ۽ پنهنجي انهن افعالن جي ڪري هو پاڻ بہ پليت ٿيا.


خداوند بار بار کين ڇڏايو، پر هو پنهنجي ئي صلاحن تي هلندي فسادي بڻجي ويا هئا، سو نيٺ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا.


ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بي‌وفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين.


جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت ڪريو، توڙي جو هن سان هاڻي منهنجا زال مڙس وارا تعلقات نہ آهن، تہ بہ اوهين ساڻس حجت ڪريو، تان‌تہ هوءَ زنا ۽ بدڪاري ڇڏي ڏئي.


اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بي‌وفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.


مون کي عجب ٿو لڳي تہ خدا جنهن اوهان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنهن کان اوهين ايترو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو،


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


غير معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون هنن ڪيون هونديون، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بت‌پرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘


مون نهاري ڏٺو تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو. اوهان پنهنجي لاءِ هڪ پلٽيل گابو بڻايو هو ۽ انهيءَ رستي کان جلد ڦري ويا هئا جيڪو خداوند اوهان کي ٻڌايو هو.


ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ سندس فرمانبرداري ڪنداسين.“


جيستائين يشوع جيئرو هو تيستائين بني اسرائيل خداوند جي عبادت ڪندا رهيا. يشوع جي وفات کان پوءِ بہ هو ائين ئي ڪندا آيا جيستائين اهي اڳواڻ جيئرا هئا جن اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيو هو.


بني اسرائيل يشوع جي پوري حياتيءَ ۾ ۽ کانئس پوءِ وارن انهن اڳواڻن جي حياتيءَ ۾ بہ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، جن اهي وڏا ڪم ڏٺا هئا جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ ڪيا.


جِدعون جي مرڻ شرط بني اسرائيل وري خدا کان ڦري وڃي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن بعل‌بريت ديوتا کي پنهنجو معبود بڻايو.


پوءِ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن اوهان مون کي چيو تہ ’اسان تي بہ هڪڙو بادشاهہ بادشاهي ڪري،‘ جيتوڻيڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.


ڇا هيءَ ڪڻڪ جي لاباري واري خشڪ موسم نہ آهي؟ پر آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ هو گجگوڙون ۽ مينهن موڪلي. پوءِ اوهين ڄاڻيندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُري اوهان خداوند جي نظر ۾ ڪيڏي نہ وڏي بڇڙائي ڪئي آهي.“


سو سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”تون اسان پنهنجي ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھُر، تہ اسين مري نہ وڃون، ڇاڪاڻ تہ اسان پنهنجن سمورن گناهن مٿان هيءَ بڇڙائي بہ وڌائي ڇڏي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُريو اٿئون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ