قاضين 2:14 - Muslim Sindhi Bible14 تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آسپاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.