قاضين 2:12 - Muslim Sindhi Bible12 هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن سندن ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو هو. هو پنهنجي آسپاس وارين ٻين قومن جي معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن انهن کي سجدو ڪري خداوند کي ڪاوڙايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 ۽ هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، ۽ ٻين معبودن، يعني آس پاس وارين قومن جي معبودن جي پيروي ڪيائون، ۽ اُنهن کي سجدو ڪيائون: ۽ خداوند کي ڪاوڙايائون، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.