7 جڏهن هو وڃڻ لاءِ اٿيو تہ سندس سهري وري زور لاتس، سو هو اها رات بہ اتي رهي پيو.
7 ۽ هو ماڻهو وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر سندس سهري زور لاتس تنهنڪري هو وري ٽڪي پيو.
تڏهن بادشاهہ ابيسلوم کي وراڻيو تہ ”نہ منهنجا پٽ! اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، ڇاڪاڻ تہ متان تو تي بار ٿي پئون.“ تنهن هوندي بہ ابيسلوم کيس زور ڀريو. پر بادشاهہ وڃڻ جي نہ ڪئي، البت کيس خير جي دعا ڪيائين.
تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. تنهن کان پوءِ سندس سهري چيس تہ ”جي مناسب سمجھين تہ اڄ رات بہ هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ.“
پنجين ڏينهن صبح جو سوير هو وڃڻ لاءِ اٿيو، تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڪجھہ تازو توانو ٿيءُ ۽ مهرباني ڪري شام تائين ترسي پئُہ.“ پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ماني کاڌي.