Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. تنهن کان پوءِ سندس سهري چيس تہ ”جي مناسب سمجھين تہ اڄ رات بہ هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


تڏهن سندس زال ايزبل کيس چيو تہ ”تون اسرائيل ملڪ جو بادشاهہ ناهين ڇا؟ هاڻ اُٿي ماني کاءُ ۽ دلجاءِ ڪر. نابوت کان انگورن جو باغ تو کي آءٌ وٺي ڏينديس.“


ستين ڏينهن جڏهن شهنشاهہ مئي جي نشي ۾ مخمور هو، تڏهن هن پنهنجي ستن خواجہ‌سرا خدمتگارن مهومان، بزتا، خربوناہ، بِگتا، ابگتا، زتار ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو تہ


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو تہ گھڻو مال آهي جو ڪيترائي سال پيو هلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيئان ۽ موجون ماڻيان.‘


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


جڏهن هو وڃڻ لاءِ اٿيو تہ سندس سهري وري زور لاتس، سو هو اها رات بہ اتي رهي پيو.


شام جو جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي سريت ۽ پنهنجي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿيو تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڏس، هاڻي سج لهڻ تي آهي، سو رات هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ. سڀاڻي سوير اُٿي ڀلي پنهنجي گھر هليو وڃجانءِ.“


هنن ٻنين ۾ وڃي انگور پٽي گڏ ڪيا ۽ انهن مان رس ڪڍي مئي ٺاهي پيتائون ۽ جشن ملهايائون. هو پنهنجي معبود جي مندر ۾ ويا اتي کاڌائون پيتائون ۽ ابيملڪ تي لعنتون وسايائون.


جڏهن بوعز کائي پي بس ڪئي تڏهن هو سٺي مزاج ۾ هو. پوءِ هو اناج جي ٻار جي ڀرسان وڃي ستو. رُوت بہ آهستي آهستي اچي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي ئي ليٽي پيئي.


تنهن کان پوءِ ابيجيل موٽي نابال وٽ آئي ۽ ڏٺائين تہ هن پنهنجي گھر ۾ بادشاهي دعوت جهڙي هڪڙي دعوت ڪئي هئي. گھڻي مئي پيئڻ ڪري نشي سبب سندس دل سرور ۾ هئي. تنهنڪري هن صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين کيس ڪابہ ڳالهہ نہ ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ