Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ هن جو مڙس کيس پرچائي واپس وٺي اچڻ لاءِ هن جي پٺيان ويو. هن پاڻ سان پنهنجو نوڪر ۽ ٻہ گڏهہ بہ ڪاهيا. هو اتي پهتو تہ اها عورت کيس پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وٺي ويئي. جڏهن انهيءَ عورت جي پيءُ کيس ڏٺو تڏهن خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.


سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس، ۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.


پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي، ۽ اڳتي مون کي پنهنجو بعل نہ سڏيندي،


اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو.


جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


هن جي وڃڻ ڪري خدا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو جيئن بلعام پنهنجيءَ گڏهِہ تي وڃي رهيو هو ۽ سندس ٻہ نوڪر بہ ساڻ هئا تہ خداوند جو ملائڪ هن کي روڪڻ لاءِ رستي تي اچي بيٺو.


هن جو مڱيندو هڪ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري هن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“


انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي گنهگار نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري گناهہ نہ ڪجانءِ.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم مزاجيءَ سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


ٿوري عرصي کان پوءِ، ڪڻڪن جي لاباري وقت، سمسون هڪڙو ڇيلو کڻي پنهنجيءَ زال سان ملڻ لاءِ ويو. هن پنهنجي سهري کي چيو تہ ”آءٌ پنهنجي زال جي ڪوٺيءَ ۾ ويندس.“ پر هن کيس اندر وڃڻ نہ ڏنو.


هڪڙي ڏينهن هوءَ کانئس ناراض ٿي هن وٽان نڪري يهوداہ واري بيت‌لحم شهر ۾، پنهنجي پيءُ جي گھر هلي ويئي. اُتي هوءَ چار مهينا کن رهي پيئي هئي.


پوءِ اها عورت پرهہ ڦٽيءَ مهل ان ماڻهوءَ جي گھر ڏانهن موٽي جتي سندس مڙس رهيل هو. هوءَ در تي اچي ڪري پيئي ۽ روشني ٿيڻ تائين اتي ئي پيئي رهي.


سندس سهري کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. هو وٽس ٽي ڏينهن رهيو، هن اتي کاڌو پيتو ۽ ننڊون ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ