Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن گھر جي مالڪ ٻاهر نڪري کين چيو تہ ”نہ، اي منهنجا ڀائرؤ! مهرباني ڪري اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. جيئن تہ اهو ماڻهو منهنجو مهمان آهي سو اهڙو ڪُڌو ڪم ساڻس نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ اُهو پير مرد گهر جو مالڪ ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ نہ، اي منهنجا ڀائرو، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ اهڙو خراب ڪم متان ڪريو؛ جڏهن هو ماڻهو منهنجي گهر ۾ آيو آهي، تڏهن اهڙي بي عقلي متان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، منهنجيون ٻہ ڌيئر آهن جيڪي اڃا تائين ڪنواريون آهن. جيڪڏهن چئو تہ آءٌ انهن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن انهن سان ڪريو. پر هنن ماڻهن کي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. هو منهنجا مهمان ٿي منهنجي گھر ۾ آيا آهن.“


جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس.


تڏهن تمر چيس تہ ”نہ ادا، مون کي اهڙي ڪم لاءِ زور نہ ڀر، جيڪو بني اسرائيل ۾ ٿيڻ نہ گھرجي. اهڙي بي‌حيائي نہ ڪر.


تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪو ماڻهو انهن مخصوص ڪيل شين جي چوريءَ ۾ پڪڙيو ويندو سو ۽ سندس ڪٽنب ۽ سندن سمورو سامان باهہ ۾ ساڙيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جو عهد ٽوڙيو آهي ۽ بني اسرائيل ۾ شرمناڪ ڪم ڪيو اٿائين.“


پوءِ مون پنهنجي سُريت جي لاش کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن ڏانهن هڪ هڪ ٽڪر ڏياري موڪليم، ڇاڪاڻ تہ هنن اسان منجھہ هڪ بڇڙو ۽ شرمناڪ ڪم ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ