Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 19:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اُنهيءَ پوڙهي مرد جڏهن مسافرن کي چونڪ تي ويٺل ڏٺو تڏهن کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هن نهاريو ۽ انهيءَ مسافر کي شهر جي رستي تي ڏٺائين؛ ۽ انهيءَ پير مرد چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 19:17
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“


هن سڀ کان اڳئين ڌڻ واري نوڪر کي سمجھايو تہ ”جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو تو سان گڏجي ۽ تو کان پڇي تہ ’تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ڪيڏانهن ٿو وڃين ۽ تنهنجي اڳيان هي ڪنهن جو مال آهي؟‘


هڪڙي ڏينهن انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ هڪڙو مسافر آيو. سو هن پاڻ وٽ آيل انهيءَ مسافر جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن مان ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، بلڪ انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مسافر لاءِ ڪهي تيار ڪيائين.“


شاهي رستا ويران ٿي ويا آهن، خوف وچان ڪوبہ انهن تي سفر نہ ٿو ڪري. عهد شڪني ڪئي وڃي ٿي، شاهدي ڏيڻ وارن تي ڪو يقين ڪونہ ٿو ڪري ۽ ماڻهو هڪٻئي جي عزت نہ ٿا ڪن.


اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟


هو اڃا اتي ويٺا ئي هئا تہ هڪڙو پوڙهو مرد پنهنجي ٻنيءَ مان ڪم تان موٽيو پئي آيو. اهو ماڻهو اصل ۾ افرائيم جي جابلو علائقي جو هو، پر پوءِ هو جِبعت ۾ اچي رهيو هو، جڏهن تہ جِبعت جا ٻيا رهاڪو بني بنيامين هئا.


انهيءَ بني لاويءَ وراڻيس تہ ”اسين يهوداہ واري بيت‌لحم کان آيا آهيون ۽ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين هنڌ ڏانهن پنهنجي گھر پيا وڃون. هتي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو اسان کي پاڻ وٽ رهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ