قاضين 18:5 - Muslim Sindhi Bible5 تڏهن هنن چيس تہ ”مهرباني ڪري خدا کان پڇي اسان کي ٻڌاءِ تہ اسان جو پنڌ سجايو ٿيندو يا نہ.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 تڏهن هنن چيس تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ تون خدا کان پڇي ٻڌاءِ تہ اسان کي خبر پوي تہ جيڪو رستو اسين وٺي ٿا وڃون، سو سڳورو ٿيندو يا نہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربانگاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربانگاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربانگاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“
تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.