Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اهڙيءَ طرح جيستائين خدا جو گھر سيلا شهر ۾ هو، تيستائين ميڪاہ جو ٺاهيل بت هنن کوڙي رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 انهي طرح جيستائين خدا جو گهر سيلا ۾ هو، تيستائين ميڪاہ واري اُڪريل مورت هنن پاڻ وٽ بيهاري رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.


هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو.


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


انهيءَ بني لاويءَ وراڻيس تہ ”اسين يهوداہ واري بيت‌لحم کان آيا آهيون ۽ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين هنڌ ڏانهن پنهنجي گھر پيا وڃون. هتي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو اسان کي پاڻ وٽ رهائي.


سيلا شهر بيت‌ايل جي اتر ۾، لبونہ شهر جي ڏکڻ ۾ ۽ بيت‌ايل کان سڪم ڏانهن ويندڙ انهيءَ شاهي رستي جي اوڀر ۾ آهي. سو هنن سوچ ويچار ڪري بني بنيامين کي چيو تہ ”جيئن تہ سيلا شهر ۾ خداوند جي سالياني عيد اچڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين وڃو ۽ انگورن جي باغ ۾ لڪي تاڙ ٻڌي ويهي رهو.


تاڙ ڪريو تہ جڏهن سيلا شهر جون ڇوڪريون ناچ ۾ حصو وٺڻ لاءِ نڪري اچن تڏهن اوهين بہ انگورن جي باغ مان نڪري اچجو. اوهان مان هر ڪو سيلا جي انهن ڇوڪرين مان هڪڙي هڪڙي پنهنجي زال ڪري زوريءَ کڻي پنهنجي علائقي ڏانهن هليو وڃي.


القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.


سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تخت‌نشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ