Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اتي بني دان پنهنجي لاءِ اُهو بت کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ جيستائين اهو ملڪ جلاوطنيءَ وقت ٻين جي قبضي ۾ آيو تيستائين جيرشوم جو پٽ يعني موسيٰ جو پوٽو يونتن ۽ سندس اولاد دان قبيلي جا ڪاهن ٿي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ بني دان اُها اُڪريل مورت پنهنجي لاءِ بيهاري ڇڏي: ۽ يونتن، بن جيرسوم، بن موسيٰ، ۽ سندس پٽ، دان جي فرقي جا ڪاهن ٿيا، جيستائين ڪ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو قيد ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:30
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


انهيءَ ڪري خداوند اسرائيل وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، سو انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين. رڳو يهوداہ وارا ئي پنهنجي ملڪ ۾ رهيا.


تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.


اسرائيل وارا يربعام جي ڪيل گناهن کي چهٽيل رهيا ۽ انهن کان منهن نہ موڙيائون،


ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.


هن سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ کنيو. انهن مان هڪڙي جو نالو، موسيٰ هي چوندي ”جيرشوم“ رکيو هو تہ ”آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان.“


۽ انهيءَ مان موسيٰ کي هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين، جو چيائين تہ ”آءٌ غير ملڪ ۾ ڌاريو هئس.“


اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي.


خداوند فرمايو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ۾ پوڄا لاءِ نہ بت ٺاهجو، نہ ڪو مجسمو، نڪي پٿر جا ٿنڀا ۽ نہ تراشيل پٿر کڙا ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


مون کي يقين آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اهي پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا ۽ جنهن واٽ جو مون کين حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦري ويندا. تڏهن پوين ڏينهن ۾ هنن تي مصيبتون اينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجن هٿن سان اهڙا ڪم ڪري خداوند کي غصو ڏياريندا، جيڪي سندس نظر ۾ برا آهن.“


بني اسرائيل وري بہ اهي ساڳيائي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو خداوند هنن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجيءَ ماءُ کي موٽائي ڏنا. تڏهن ماڻس دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! پنهنجي پٽ لاءِ آءٌ اها چاندي تنهنجي نذر ٿي ڪريان، جنهن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺهرايو ويندو. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي پٽ کي تو ڏانهن موٽائي ٿي آڻيان.“


ميڪاہ هڪڙو ٻيو مجسمو ۽ ننڍڙا بت ٺاهيا ۽ اهي بہ پنهنجي بت‌خاني ۾ رکيائين. هن پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪري پنهنجي ڪاهن طور مقرر ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ