قاضين 18:27 - Muslim Sindhi Bible27-28 پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيترحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بيخوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 ۽ هو جيڪي ميڪاہ جوڙيو هو سو، ۽ جيڪو ڪاهن وٽس هو سو، وٺي ليس ۾ انهن ماڻهن تي اچي پيا، جي آرام ۽ امن ۾ ويٺا هئا؛ ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماريائون، ۽ انهن جو شهر باهہ سان ساڙي ڇڏيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |