Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ائين چئي بني دان پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا. ميڪاہ جڏهن ڏٺو تہ هو کانئس ڏاڍا آهن تڏهن هو موٽي پنهنجي گھر هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن بني دان پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا: ۽ جڏهن ميڪاہ ڏٺو تہ هو کانئس ڏاڍا آهن تڏهن منهن ڦيرائي موٽي پنهنجي گهر هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:26
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي دان! تنهنجو اولاد مون اسرائيل جي ٻين قبيلن وانگر، پنهنجي ماڻهن جي عدالت پاڻ ڪندو.


پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيت‌ايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.


خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“


بني دان کيس چيو تہ ”تنهنجي لاءِ بهتر آهي تہ ٻڙڪ بہ نہ ڪُڇ، متان اسان مان ڪن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تو تي حملو ڪري ڏين ۽ تون پنهنجي گھراڻي سميت پنهنجي جان وڃائي ويهين.“


پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيت‌رحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بي‌خوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ