Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هن کين وراڻيو تہ ”اوهان منهنجو ڪاهن ۽ منهنجا جوڙيل بت بہ پاڻ سان کڻي آيا آهيو. هاڻي باقي مون وٽ ڇا ڇڏيو اٿوَ؟ پوءِ بہ اوهين مون کان ٿا پڇو تہ ’ڪهڙي ڳالهہ آهي؟‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ هن چيو تہ جيڪي معبود مون جوڙيا هئا سي، ۽ ڪاهن اوهين کڻي هليا ويا آهيو، باقي مون وٽ ڇا بچيو آهي؟ تڏهن اوهين ڪيئن مون کي چئو ٿا تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:24
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“


راخل اهي بت کڻي اٺ جي پاکڙي ۾ رکي مٿن چڙهي ويٺي هئي. لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي پر ڪونہ لڌائين.


انهيءَ ڪري خداوند امصياہ تي سخت ناراض ٿيو، ۽ وٽس هڪڙو نبي موڪليائين، جنهن اچي امصياہ کي چيو تہ ”تون غير قومن جي انهن معبودن جو طالب ڇو ٿيو آهين، جيڪي خود پنهنجيءَ قوم کي تنهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا؟“


جيڪي انهن کي ٺاهين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا ڪن، سي اهڙا ئي لاچار وَ مجبور آهن، جهڙا سندن اهي بت بيڪار آهن.


آءٌ اوهان جي ندين تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، تہ انهن جو پاڻي سڪي ويندو. آءٌ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪندس جو اوهان جو ملڪ بت‌پرستيءَ وارو ملڪ آهي، ۽ اوهين پنهنجي انهن هيبتناڪ بتن جا ديوانا بڻجي ويا آهيو.


اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، جن ۾ ساهہ ئي ڪونهي.


اهولہ جيتوڻيڪ مون سان پرڻي، تڏهن بہ زناڪاري جاري رکندي آئي ۽ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي جنگي سپاهي هئا


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘


انهيءَ سان ڌرتيءَ جي بادشاهن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“


تڏهن ميڪاہ چيو تہ ”هاڻي مون کي يقين آهي تہ خداوند مون سان چڱائي ڪندو، ڇو تہ هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي.“


ميڪاہ هڪڙو ٻيو مجسمو ۽ ننڍڙا بت ٺاهيا ۽ اهي بہ پنهنجي بت‌خاني ۾ رکيائين. هن پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪري پنهنجي ڪاهن طور مقرر ڪيو.


۽ کين هڪل ڏنائون. سو بني دان پوئتي ڦري ميڪاہ کان پڇيو تہ ”ڪهڙي ڳالهہ آهي جو هيڏو ٽولو وڙهڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟“


بني دان کيس چيو تہ ”تنهنجي لاءِ بهتر آهي تہ ٻڙڪ بہ نہ ڪُڇ، متان اسان مان ڪن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تو تي حملو ڪري ڏين ۽ تون پنهنجي گھراڻي سميت پنهنجي جان وڃائي ويهين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ