Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:19 - Muslim Sindhi Bible

19 هنن چيس تہ ”ماٺ ڪر، پنهنجو وات بند رک. اسان سان هل ۽ اسان لاءِ ڪاهن ۽ پيءُ وانگر ٿي رهُہ. ڇا هڪڙي خاندان جو ڪاهن ٿيڻ بدران تنهنجي لاءِ اهو بهتر نہ آهي تہ تون بني اسرائيل جي هڪڙي سڄي قبيلي جو ڪاهن ٿئين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ هنن چيس تہ ماٺ ڪر، پنهنجو وات بند ڪر، اسان سان هل ۽ اسان جو ابو ۽ ڪاهن ٿيءُ، تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي گهر جو ڪاهن ٿين، يا اسرائيل ۾ هڪڙي فرقي، ۽ هڪڙي قبيلي جو ڪاهن ٿين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو. اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چوڻ لڳس تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“


جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ انهن کي ڏٺو تڏهن اليشع کان پڇيائين تہ ”اي منهنجا سائين! ڇا آءٌ هنن کي مارائي ناس ڪري ڇڏيان؟“


اوهين منهنجي ههڙي حال تي غور ڇو نہ ٿا ڪريو؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ اوهان کي عجب ٿو لڳي! ۽ ڪيئن نہ اوهان کي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن.


منهنجي اچڻ تي شهر جا امير احترام وچان پنهنجو ڳالهائڻ بند ڪري خاموش ٿي ويهندا هئا.


جيڪڏهن اوهين بي‌عقليءَ مان مغرور بڻجي ويا آهيو، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙيو تہ هاڻي جو هاڻي پاڻ کي روڪيو ۽ سوچو.


ٻيون قومون تنهنجا اهي معجزا ڏسنديون، ۽ پنهنجي پوري طاقت جي باوجود هر ڳالهہ هارائي ويهنديون. شرمندگيءَ ۽ دهشت وچان اهي گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويندا.


ساڳيءَ طرح اوهين هن دنيا ۾ ڪنهن کي بہ پيءُ نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي جيڪو آسمان تي آهي.


تڏهن ميڪاہ کيس چيو تہ ”تون مون سان گڏجي هڪڙي پيءُ ۽ ڪاهن طور ٿي رهہ تہ آءٌ تو کي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، بلڪ ڪپڙا ۽ کاڌو بہ ڏيندس.“


جڏهن اهي ميڪاہ جي گھر اندر ويا ۽ اتان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين اهو ڇا ٿا ڪريو؟“


تڏهن ڪاهن ڏاڍو خوش ٿيو. هن اهو مجسمو، ننڍڙا بت ۽ اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت کنيو ۽ انهن سان گڏ هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ