Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن اهي ميڪاہ جي گھر اندر ويا ۽ اتان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين اهو ڇا ٿا ڪريو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جڏهن هي ميڪاہ جي گهر ويا، ۽ اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم ۽ پلٽيل بت ڪڍيائون، تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهين ڇا ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:18
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. اهي پاڻ کي بچائي بہ نہ سگھيا آهن، بلڪ کين قيد ڪري ٻين ملڪن ڏانهن نيو ويو آهي.


انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو.


خداوند فرمايو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ۾ پوڄا لاءِ نہ بت ٺاهجو، نہ ڪو مجسمو، نڪي پٿر جا ٿنڀا ۽ نہ تراشيل پٿر کڙا ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تڏهن ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ وارا اهي پنج ماڻهو گھر ۾ اندر ويا ۽ اهو اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون، جڏهن تہ ڪاهن انهن ڇهہ سؤ ماڻهن وٽ بيٺو هو، جيڪي جنگ جا هٿيار ٻڌيو گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺا هئا.


هنن چيس تہ ”ماٺ ڪر، پنهنجو وات بند رک. اسان سان هل ۽ اسان لاءِ ڪاهن ۽ پيءُ وانگر ٿي رهُہ. ڇا هڪڙي خاندان جو ڪاهن ٿيڻ بدران تنهنجي لاءِ اهو بهتر نہ آهي تہ تون بني اسرائيل جي هڪڙي سڄي قبيلي جو ڪاهن ٿئين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ