Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ وارا اهي پنج ماڻهو گھر ۾ اندر ويا ۽ اهو اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون، جڏهن تہ ڪاهن انهن ڇهہ سؤ ماڻهن وٽ بيٺو هو، جيڪي جنگ جا هٿيار ٻڌيو گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جيڪي پنج ماڻهو زمين جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، سي اُتي ويا، ۽ اُها اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم، ۽ پلٽيل بت هٿ ڪيائون: ۽ ڪاهن انهن ڇهن سوَن جنگ جي هٿيار ٻڌل ماڻهن سان دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي.


خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“


پوءِ جيڪو گابو هنن ٺاهيو هو سو ساڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ وجھي، اهو پاڻي بني اسرائيل کي پيئاريائين.


ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بي‌جان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“


اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.


انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون، ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر، ۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. بلڪ آءٌ اوهان جا بت‌پرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس. اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا.


تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ ويا هئا تن پنهنجن ساٿين کي چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر آهي تہ هتي هڪڙي گھر ۾ مجسمو، ننڍڙا بت ۽ اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي سوچو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


جڏهن تہ دان قبيلي جا ڇهہ سؤ مرد گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ هٿيارن سان بيٺا هئا.


جڏهن اهي ميڪاہ جي گھر اندر ويا ۽ اتان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل بت، مجسمو ۽ ننڍڙا بت کنيائون تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين اهو ڇا ٿا ڪريو؟“


سو بني دان صرعہ ۽ استال شهرن مان پنهنجي قبيلي جا پنج بهادر ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليا تہ وڃي ملڪ ۾ نظر ڊوڙائي ڪو چڱو علائقو جاچي اچن. سو انهن کي چيو ويو تہ ”وڃي ملڪ ۾ ڪو چڱو علائقو جاچي اچو.“ تڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيا ۽ ميڪاہ جي گھر ۾ رات رهيا.


يوآس پنهنجي خلاف چوڌاري بيٺل ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بعل ديوتا جي طرفداري ٿا ڪريو؟ ڇا اوهين کيس بچائڻ ٿا گھرو؟ جيڪو بہ انهيءَ جي طرفداري ڪندو سو صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ماريو ويندو. جيڪڏهن بعل واقعي خدا آهي تہ پوءِ هو پاڻ پنهنجي طرفان وڙهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا قربان‌گاهہ ڊاهي ويئي آهي سا سندس ئي آهي.“


تڏهن ميڪل هڪڙو بت کڻي دائود جي بستري تي ليٽائي ڇڏيو ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وِهاڻو انهيءَ جي مٿي هيٺان رکي، بت کي چادر سان ڍڪي ڇڏيائين.


خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ