Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن هو انهيءَ پاسي ڦري ميڪاہ جي گھر ۾ انهيءَ جوان لاويءَ جي رهائش‌گاهہ تي آيا ۽ ساڻس سلام دعا ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هو اُنهيءَ پاسي ڦري ويا ۽ انهيءَ لاوي جوان جي گهر ۾ آيا، يعني ميڪاہ جي گهر ۾ آيا، ۽ سندس حال احوال پڇڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو


يوسف کين کيڪار ڪئي ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهان جو پيرسن پيءُ ڪيئن آهي جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو؟ ڇا هو اڃا جيئرو آهي؟“


ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ پڇينس تہ ’تو ڏانهن، تنهنجي مڙس ڏانهن ۽ تنهنجي پٽ ڏانهن تہ خير آهي؟‘“ تنهن تي انهي عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”سڀ خير آهي.“


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ ويا هئا تن پنهنجن ساٿين کي چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر آهي تہ هتي هڪڙي گھر ۾ مجسمو، ننڍڙا بت ۽ اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي سوچو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


جڏهن تہ دان قبيلي جا ڇهہ سؤ مرد گھر جي ٻاهرين دروازي وٽ هٿيارن سان بيٺا هئا.


سندن دستي جي سالار لاءِ بہ پنير جون هي ڏهہ ٽڪيون کڻي وڃ ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، انهن کان ڪا نشاني وٺي اچجانءِ.


تڏهن دائود پنهنجو سامان، لشڪر جي سامان جي نگهباني ڪندڙ جي حوالي ڪري ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجي ڀائرن کان خيرعافيت پڇڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ