Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 18:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن اوهين اتي پهچندا تڏهن هڪڙي بي‌خوف وَ خطر قوم ڏسندا. سندن ملڪ ڪشادو آهي جيڪو خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جڏهن اوهين هلندا تڏهن هڪڙي امن ۾ رهندڙ قوم ڏسندا؛ ۽ اُها زمين گهڻي آهي: ڇالاءِ جو اها خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏني آهي؛ اهڙي جاءِ آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 18:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


جيستائين اسين اردن درياءَ مان لنگھي انهيءَ ملڪ ۾ وڃون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي. ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسو ۽ عار شهر ۾ رهندڙ موآبين بہ اسان کي ائين ئي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ ڏنو آهي.‘


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


تڏهن ٻيئي جاسوس جبلن تان لهي، نديءَ جي گھير وٽان ٽپي يشوع ولد نون وٽ موٽي آيا ۽ جيڪي ساڻن وهيو واپريو هو سو سڀ کيس ٻڌايائون.


هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“


ستين ڀيري ڦرندي جڏهن ڪاهن نفيلن مان هڪڙو وڏو آواز ڪڍڻ وارا هئا، تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”واڪا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هي شهر اوهان کي ڏنو آهي.


سو دان قبيلي مان ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي صرعہ ۽ استال شهرن مان روانا ٿيا.


پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيت‌رحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بي‌خوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا.


سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.


هنن وراڻيو تہ ”هلو تہ هلي ليس شهر تي حملو ڪريون. اسان ان ملڪ کي ڏٺو جيڪو ڏاڍو سٺو آهي. اوهين ڇو ماٺ ڪيو ويٺا آهيو؟ سستي نہ ڪريو، هلو تہ هلي مٿس قبضو ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ