Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 17:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن ميڪاہ چيو تہ ”هاڻي مون کي يقين آهي تہ خداوند مون سان چڱائي ڪندو، ڇو تہ هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن ميڪاہ چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي، تڏهن خداوند مون سان چڱائي ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 17:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.


سو بت‌پرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بي‌وقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بي‌وقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.


هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“


ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.


ميڪاہ انهيءَ لاويءَ کي بطور ڪاهن مقرر ڪيو ۽ هو ميڪاہ جي گھر ۾ رهڻ لڳو.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو. انهن ئي ڏينهن ۾ دان قبيلي وارا انهيءَ ڳولا ۾ هئا تہ پنهنجي رهائش لاءِ ڪو علائقو هٿ ڪن، ڇاڪاڻ تہ هنن کي اڃا تائين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ ڪو علائقو ڪونہ مليو هو.


هن کين وراڻيو تہ ”اوهان منهنجو ڪاهن ۽ منهنجا جوڙيل بت بہ پاڻ سان کڻي آيا آهيو. هاڻي باقي مون وٽ ڇا ڇڏيو اٿوَ؟ پوءِ بہ اوهين مون کان ٿا پڇو تہ ’ڪهڙي ڳالهہ آهي؟‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ