ابيملڪ کان پوءِ بني اسرائيل کي ڇڏائڻ لاءِ اِسڪار قبيلي مان تولع اٿيو، جيڪو فوہ جو پٽ ۽ دودي جو پوٽو هو. هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سمير شهر منجھہ رهندو هو.
تنهن کان پوءِ هن جا ڀائر ۽ ٻيا سندس گھر جا ڀاتي هن جو لاش کڻڻ لاءِ اُتي آيا. هنن کيس اتان کڻي اچي صرعہ ۽ استال شهرن جي وچ ۾ سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. هو بني اسرائيل جو ويهہ سال رهبر رهيو.
جڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيو تڏهن هن جنگ لاءِ نفيل وڄائي بني اسرائيل کي سڏيو. پوءِ بني اسرائيل اهود جي اڳواڻيءَ ۾ جابلو علائقي مان لهي هيٺ آيا.