Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ڪجھہ وقت کان پوءِ سورق جي برساتي نهر ڀرسان رهندڙ دليلہ نالي هڪڙيءَ عورت سان سمسون جو عشق ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ ٻين بہ گھڻين ڌارين عورتن سان پيار ڪندو هو جن ۾ موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي عورتون شامل هيون.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


بدڪار عورت جون ڳالهيون اونهيءَ کڏ مثل آهن، جنهن تي خداوند جو ڏمر آهي سو ئي انهيءَ ۾ وڃي ڪري ٿو.


ياد رکو، بدڪار عورت هڪڙي اونهي کڏ مثل آهي. هائو، ڪسبياڻي هڪ سوڙهي کوهيءَ مثل آهي.


جيڪو بي‌وقوف ماڻهو بار بار بي‌وقوفي ڪندو ٿو رهي، سو اهڙي ڪتي جيان آهي، جيڪو موٽي اچي پنهنجي ڪيل الٽي چٽي.


بي‌عقل ماڻهوءَ کي توڙي جو اُکري مُهريءَ ۾ اناج سان گڏ ڪُٽي ڪڍجي، تڏهن بہ هو بي‌عقل جو بي‌عقل ئي رهندو.


هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.


سمسون اڌ رات تائين ليٽيو رهيو، تنهن کان پوءِ هو اٿيو ۽ شهر جي ٻاهرين دروازي جا طاق، ٻئي ٻانهيون، گزن سميت اُکيڙي ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ هن اهي پنهنجي ڪلهن تي رکيا ۽ حبرون جي سامهون جيڪا ٽڪري آهي تنهن جي چوٽيءَ تي کڻي ويو.


فلستين جا سردار انهيءَ عورت وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”تون سمسون کي ڌتاري کانئس پڇ تہ سندس هيتري طاقت جو راز ڇا آهي. اسين ڪهڙيءَ طرح مٿس غالب پئون ۽ کيس ٻڌي بي‌وس بڻايون. تڏهن اسان مان هر هڪ تو کي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ