Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تنهن کان پوءِ هن جا ڀائر ۽ ٻيا سندس گھر جا ڀاتي هن جو لاش کڻڻ لاءِ اُتي آيا. هنن کيس اتان کڻي اچي صرعہ ۽ استال شهرن جي وچ ۾ سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. هو بني اسرائيل جو ويهہ سال رهبر رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تڏهن هن جا ڀائر ۽ سندس پيءُ جو سڄو گهراڻو اُتي آيو، ۽ هن کي کڻي صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، ۽ هن اسرائيل جو ويهہ سال قاضي ٿي انصاف ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيٺاهين علائقي وارا شهر هي هئا: استال، صرعاہ، اسناہ،


سندن ورثي ۾ هي شهر آيا: صرعاہ، استال، عير‌شمس،


تنهن وقت ۾ منوحہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو صرعہ شهر جو رهاڪو هو ۽ سندس تعلق دان قبيلي سان هو. هن جي زال سنڍ هئي.


جڏهن هو دان جي خيمي‌گاهہ ۾ هو، جيڪو صرعہ ۽ استال جي وچ ۾ آهي، تڏهن خداوند جي روح هن کي بيدار ڪرڻ شروع ڪيو.


فلستين جي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۾ سمسون ويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.


پوءِ سمسون چيو تہ ”فلستين سان گڏ ڀلي تہ آءٌ بہ مري وڃان.“ ان بعد پنهنجي سموري طاقت سان انهن کي ڌڪو ڏنائين تہ پوڄا گھر انهن سردارن ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جيڪي انهيءَ ۾ هئا. اهڙيءَ طرح سمسون پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريا سي انهن کان وڌيڪ هئا جيڪي پنهنجي جيئري ماريا هئائين.


ميڪاہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو افرائيم جي جابلو علائقي جو رهاڪو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ