Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اهو پوڄا گھر مردن ۽ عورتن سان ڀريل هو. فلستين جا سڀ سردار بہ اتي هئا ۽ ڇت تي اٽڪل ٽي هزار مرد ۽ عورتون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 هاڻي اهو گهر مردن توڙي زالن سان ڀريو پيو هو؛ ۽ فلستين جا سڀ سردار اُتي هئا؛ ۽ کڏ تي اٽڪل ٽي هزار مرد توڙي زالون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:27
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن شام جو دائود جڏهن پنهنجي پلنگ تان اُٿي شاهي محل جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو، تہ ڇت تان هن هڪڙيءَ عورت کي وهنجندي ڏٺو. اها عورت ڏاڍي خوبصورت هئي.


جڏهن اوهين ڪو نئون گھر ٺاهيو، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري پلويڙو ٻڌائجو، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي ۽ سندس خون اوهان جي گھر تي اچي پوي.


انهيءَ کان اڳي جو جاسوس سمهي پون، راحب ڇت تي وٽن ويئي


جيڪو نوڪر سمسون کي هٿ کان جھليو بيٺو هو تنهن کي سمسون چيو تہ ”جن ٿنڀن تي هي پوڄا گھر بيٺل آهي، مون کي اتي هلي بيهار تہ آءٌ انهن تي ٽيڪ ڏيئي بيهان.“


تڏهن سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! مهرباني فرمائي مون کي ياد ڪر. اي خدا! مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري مون کي طاقت بخش تہ هڪڙي ئي وار ۾ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.“


انهيءَ شهر جي اندر هڪڙو تمام مضبوط ٺُلهہ هو. شهر جا سڀ ماڻهو، مرد توڙي عورتون اُٿي اوڏانهن ڀڳا، انهيءَ ۾ گھڙي اندران دروازو بند ڪري ٺُلهہ جي ڇت تي چڙهي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ