قاضين 16:24 - Muslim Sindhi Bible24-25 جڏهن هنن جون دليون خوشيءَ سان ڀرجي ويون تڏهن چيائون تہ ”سمسون کي وٺي اچو تہ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايون.“ جڏهن سمسون کي قيدخاني مان وٺي آيا تڏهن کيس ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي بيهاريائونس ۽ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايائون. جڏهن ماڻهن سمسون کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان جي ديوتا اهو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جنهن اسان جي ملڪ کي تباهہ ڪيو هو، ۽ پڻ گھڻن ماڻهن کي ماريو هئائين.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 ۽ جڏهن ماڻهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪرڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جو اسان جي ملڪ جو ناس ڪندڙ هو؛ ۽ جنهن اسان منجهان گهڻن کي ماريو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.