Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ فلستين اچي پڪڙيس ۽ سندس اکيون ڪڍي ورتائون. هو هن کي غزہ شهر ۾ وٺي آيا، کيس پتل جون ٻيڙيون هنيائون ۽ قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان قتل ڪيو ويو. پوءِ هن جون اکيون ڪڍيون ويون ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي بابل ڏانهن نيو ويو.


تنهنڪري خداوند هنن تي اشوري لشڪر جي سپهہ‌سالارن کان ڪاهہ ڪرائي. اهي منسيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ نڪ ۾ ناڪيلي وجھي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويا.


ڀل تہ هو انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏين، ۽ سندن اميرن کي لوهي هٿڪڙيون هڻي ڇڏين،


ان وقت مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا پٽ مري ويندا، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪا جنڊ ٿي پيهي. ان کان سواءِ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا مري ويندا.


انسان جيڪي پوکيندو سو ئي لڻندو، پوءِ نيڪي پوکي چاهي بڇڙائي.


جيڪو بہ هن وٽ وڃي ٿو، سو واپس ڪونہ ٿو موٽي. هائو، اوڏانهن وڃڻ وارو زندگيءَ جي راهن ڏانهن وري نہ ٿو موٽي.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


سو جنڊ کڻي ويهي اَنُ پيهُہ. پاڻ تان پردو هٽاءِ ۽ پنهنجا عمدا ڪپڙا لاهي ڇڏ. پنهنجو اوڇڻ مٿي ڪري اُگھاڙين ٽنگن سان نديءَ مان لنگھي وڃ.


پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.


اسان جي نوجوانن کان غلامن وانگر پٿر پيهايا ٿا وڃن. ۽ اسان جي ٻارن کان ڪاٺين جو ايترو تہ ڳرو بار کڻايو ٿو وڃي جو اهي ٿاٻڙجي ٿا ڪرن.


تنهن کان سواءِ تو اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ ڪونہ پهچايو آهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي. هاڻ وري تون اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. اسين ڪونہ اينداسين.“


يا جيڪڏهن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.


پوءِ هن رڙ ڪري چيس تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ سوچيائين تہ ”آءٌ اڳي وانگر ٻاهر نڪري پاڻ کي لوڏي آزاد ڪندس.“ پر کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند وٽانئس هليو ويو آهي.


پر هن جي مٿي جا وار ڪوڙجڻ کان پوءِ وري وڌڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ