Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 دليلہ سمسون کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو، جڏهن کيس ننڊ اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو ماڻهو گھرايو، جنهن سمسون جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙيون. اهڙيءَ طرح هو تابع ٿي ويو، ڇو‌جو هن جي طاقت منجھانئس نڪري ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ هن انهي کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو گهرائي هن جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙايائين؛ پوءِ هن کي ستائڻ لڳي، ۽ هن جو زور وٽانئس ويندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.


جڏهن دليلہ ڏٺو تہ هن کيس پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي، تڏهن فلستين جي سردارن ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”هڪ دفعو وري مون وٽ اچو. هن مون کي پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي.“ تڏهن فلستين جا سردار پاڻ سان پئسا کڻي دليلہ وٽ آيا.


پوءِ هن رڙ ڪري چيس تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ سوچيائين تہ ”آءٌ اڳي وانگر ٻاهر نڪري پاڻ کي لوڏي آزاد ڪندس.“ پر کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند وٽانئس هليو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ