Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن سمسون کيس دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي تہ ”منهنجي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڄائي ڄم کان آءٌ خدا جو ناذير آهيان. سو جيڪڏهن منهنجا وار ڪوڙيا ويندا تہ منهنجي طاقت مون مان نڪري ويندي ۽ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.


جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.


جتي حڪمران ڪوڙين ڳالهين تي ڌيان ٿا ڏين، اتي سندن سڀ خدمتگار بدڪار هوندا آهن.


سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ناذير ٿيڻ يعني پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪرڻ خاطر خاص باس باسي،


هو پنهنجي وقف ٿيڻ واري باس جي ڏينهن ۾ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي پاڪي نہ گھمرائي. جيستائين اهي ڏينهن پورا نہ ٿين جن لاءِ هن پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو آهي، تيستائين هو پاڪ رهي ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.


ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.


انهيءَ سبب جو تون پيٽ سان ٿي جيڪو پٽ ڄڻيندينءَ سو ڄائي ڄم کان ناذير يعني خدا لاءِ وقف ٿيندو، تنهنڪري سندس مٿي ۽ منهن جا وار ڪڏهن بہ نہ ڪوڙايا وڃن. هو بني اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.“


هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.


جڏهن دليلہ ڏٺو تہ هن کيس پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي، تڏهن فلستين جي سردارن ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”هڪ دفعو وري مون وٽ اچو. هن مون کي پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي.“ تڏهن فلستين جا سردار پاڻ سان پئسا کڻي دليلہ وٽ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ