Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ کيس روز بروز ڳالهين سان زور ڏيڻ لڳي، ۽ تنگ ڪيائينس، تڏهن هو اهڙو بيزار ٿيو جو ڀانيائين تہ ساهہ ٿو نڪريس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي ڪنهن فاني انسان سان شڪايت ڪانهي، خدا سان ئي شڪايت اٿم، جنهن سان آءٌ بي‌صبرو ٿي پيو آهيان.


تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“


تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.


تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ رن‌زال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“


تڏهن سمسون جي زال پنهنجي مڙس وٽ روئندي ويئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”تون مون کان نفرت ٿو ڪرين، مون کي سچ پچ پيار نہ ٿو ڪرين. تو منهنجيءَ قوم جي ماڻهن کي ڪا ڳجھارت ڏني آهي، پر انهيءَ جو مطلب تو مون کي بہ نہ ٻڌايو آهي.“ هن وراڻيس تہ ”اها تہ مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي بہ ڪين ٻڌائي آهي، پوءِ آءٌ تو کي ڪيئن ٻڌائيندس؟“


تنهن تي دعوت واري ستين ڏينهن تائين هوءَ پنهنجي مڙس اڳيان روئندي رهي. آخر ستين ڏينهن سمسون کيس اها ڳجھارت ٻڌائي، ڇو تہ سندس زال کيس گھڻو تنگ ڪيو. پوءِ هن جي زال وڃي اها ڳجھارت پنهنجي قوم کي ٻڌائي.


تڏهن هن چيس تہ ”تون ڪيئن چوين ٿو تہ تنهنجي مون سان محبت آهي؟ جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان آهي ئي نہ. تو هي ٽيون دفعو مون کي بي‌وقوف بڻايو آهي ۽ مون کي پنهنجي هيڏي وڏي طاقت جو راز نہ ٻڌايو اٿيئي.“


تڏهن سمسون کيس دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي تہ ”منهنجي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڄائي ڄم کان آءٌ خدا جو ناذير آهيان. سو جيڪڏهن منهنجا وار ڪوڙيا ويندا تہ منهنجي طاقت مون مان نڪري ويندي ۽ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ