Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن هن چيس تہ ”تون ڪيئن چوين ٿو تہ تنهنجي مون سان محبت آهي؟ جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان آهي ئي نہ. تو هي ٽيون دفعو مون کي بي‌وقوف بڻايو آهي ۽ مون کي پنهنجي هيڏي وڏي طاقت جو راز نہ ٻڌايو اٿيئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تڏهن هن چيس تہ تون ڪيئن چئي ٿو سگهين تہ تنهنجي مون سان محبت آهي، جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان ناهي؟ تو هي ٽي ڀيرا مون سان ٺٺوليون ڪيون آهن، ۽ مون کي نہ ٻڌايو اٿئي تہ تنهنجو زور ڇا ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ يعقوب ست سال ڪم ڪيو. ست سال کيس ٿورن ڏينهن جيترا لڳا، ڇو تہ راخل سان سندس دل تمام گھڻي هئي.


تڏهن ابي‌سلوم حوسيءَ کي چيو تہ ”ڇا تنهنجي پنهنجي دوست دائود سان اها ئي مهرباني آهي؟ تون پنهنجي دوست سان گڏجي ڇو نہ وئين؟“


هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو.


اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ اوهان کي بدڪار عورت کان بچائيندي. هائو، انهيءَ گنهگار عورت کان، جيڪا اوهان کي بدڪاريءَ لاءِ پيار وچان سڏي ٿي.


اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو.


”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.


خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


تڏهن سمسون جي زال پنهنجي مڙس وٽ روئندي ويئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”تون مون کان نفرت ٿو ڪرين، مون کي سچ پچ پيار نہ ٿو ڪرين. تو منهنجيءَ قوم جي ماڻهن کي ڪا ڳجھارت ڏني آهي، پر انهيءَ جو مطلب تو مون کي بہ نہ ٻڌايو آهي.“ هن وراڻيس تہ ”اها تہ مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي بہ ڪين ٻڌائي آهي، پوءِ آءٌ تو کي ڪيئن ٻڌائيندس؟“


سو جڏهن سمسون ننڊ پيو هو تڏهن دليلہ هن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏي. پوءِ دليلہ کيس سڏي چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳي پيو ۽ ڪليءَ ۽ ڪاٺ سان گڏ آڏاڻو ئي پٽي ڪڍيائين.


هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ