قاضين 16:14 - Muslim Sindhi Bible14 سو جڏهن سمسون ننڊ پيو هو تڏهن دليلہ هن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏي. پوءِ دليلہ کيس سڏي چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ هو ننڊ مان جاڳي پيو ۽ ڪليءَ ۽ ڪاٺ سان گڏ آڏاڻو ئي پٽي ڪڍيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ هن اُهي هڪڙي ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏيون، ۽ پوءِ چيائينس تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ اُها ڪلي ڪاٺ مان تاڃيءَ سميت پٽي ڪڍيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ دليلہ کيس چيو تہ ”تون اڃا تائين مون کي بيوقوف پيو بڻائين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان تو کي ٻڌي سگھجي ٿو؟“ سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏيندينءَ تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“