Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان سمسون کي ٻڌو ۽ جيئن تہ اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا، سو سمسون کي چيائين تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن هن اُهي رسا ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان ٻڌس، ۽ پوءِ چيائينس، تہ اي سمسون، فلستي توتي ڪاهي آيا آهن. ۽ اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا. تڏهن هن اُهي رسا پنهنجن ٻانهن سان ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:12
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“


جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.


سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون کي نون رسن سان ٻڌو وڃي جيڪي اڳي ڪڏهن بہ ڪم ۾ نہ آندا ويا هجن، تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


پوءِ دليلہ کيس چيو تہ ”تون اڃا تائين مون کي بي‌وقوف پيو بڻائين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان تو کي ٻڌي سگھجي ٿو؟“ سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏيندينءَ تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ