Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ ”تو مون کي بي‌وقوف بڻايو آهي ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايو اٿيئي. سو مهرباني ڪري هاڻي مون کي ٻڌاءِ تہ تو کي ڇا سان ٻڌي سگھجي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو.


اوهين ڪنهن جي بہ خلاف بنا ڄاڻ جي شاهدي نہ ڏيو. هائو، عدالت کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڪوڙ نہ ڳالهايو.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يهوداہ! تون چمي ڏيئي ابنِ آدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“


سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون کي نون رسن سان ٻڌو وڃي جيڪي اڳي ڪڏهن بہ ڪم ۾ نہ آندا ويا هجن، تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


پوءِ دليلہ کيس چيو تہ ”تون اڃا تائين مون کي بي‌وقوف پيو بڻائين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان تو کي ٻڌي سگھجي ٿو؟“ سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏيندينءَ تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


سمسون جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي تازي چم جي ستن پٽن سان ٻڌو وڃي، جيڪي اڃا سڪا نہ هجن، تہ پوءِ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


انهيءَ عورت اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا. پوءِ هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن سمسون اُهي پٽا ائين ڇڃي ڇڏيا جيئن ڪو ڌاڳو باهہ لڳڻ سان ٽٽي پوندو آهي. سو هن دفعي هن جي طاقت جو راز معلوم ٿي نہ سگھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ