Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن هو مٿن اچي ڪڙڪيو ۽ منجھن ڏاڍو ڪوس وڌائين. پوءِ هو وڃي ايتام واري ٽڪر جي غار ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هن انهن کي دڏن ۽ رانن تي ڌڪ هڻي، منجهن ڏاڍو ڪوس وڌو: پوءِ وڃي ايتام واري ٽڪر جي چر ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند هن جبل صيئون جي حفاظت ڪندو رهندو. مگر موآب جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙي ناس ڪيا ويندا، جيئن سڪل گاهہ لتاڙجي ڇيڻي سان ملي ويندو آهي.


خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو


يهوداہ جي ماڻهن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”اسين سمسون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هن اسان سان ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بہ ساڻس ڪريون.“


تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“


سمسون انهن کي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان ائين ڪيو آهي، سو جيستائين آءٌ اوهان کان وير نہ وٺندس، تيستائين بس نہ ڪندس.“


انهيءَ کان پوءِ فلستين چڙهائي ڪري اچي يهوداہ جي علائقي ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ لحيءَ جي هنڌ وٽ پکڙجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ